ڊاڪٽر الطاف عاصي

ڊاڪٽر الطاف عاصي

الطاف عاصي ڊاڪٽر

الطاف عاصي، ڊاڪٽر: سنڌ جي ناليواري شاعر ڊاڪٽر الطاف عاصيءَ جو پورو نالو الطاف حسين ولد عبدالغفور چانڊيو آهي. سندس جنم پهرين جولاءِ 1969ع تي ڳوٺ رئيس ڀنڀوي خان چانڊيي، تعلقي ميرو خان، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ سعد الله چانڊيي مان حاصل ڪئي مئٽرڪ ۽ انٽر گورنمينٽ ڪاليج شهدادڪوٽ مان ڪيائين، ڊي. ايم. پي. ايس جي ميڊيڪل ڊگري لاهور (پنجاب) مان حاصل ڪري ڊاڪٽريءَ جو پيشو اختيار ڪيائين. بعد ۾ ايم. اي (سنڌي) شاهه لطيف يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.
ڊاڪٽر الطاف ادبي زندگيءَ جي شروعات 1980ع کان شروع ڪئي. لاڙڪاڻي سول اسپتال ۾ نوڪري هجڻ ڪري، سندس اديبن سان اڪثر ميل ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. هن لاڙڪاڻي ۾ هڪ خانگي ڪلينڪ کولي، جنهن ۾ اڪثر غريبن جو علاج مفت ۾ ڪندو هو. سندس ڪلينڪ اديبن جو مرڪز هوندي هئي. ان ڪلينڪ تي ٿيندڙ روزاني ڪچهريءَ ۾ نامور محقق ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، سرڪش سنڌي، سرمد چانڊيو ۽ زخمي چانڊيو شامل هوندا هئا. ڊاڪٽر الطاف عاصيءَ تي سرڪش سنڌيءَ جي صحبت جو گهرو اثر رهيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ مزاحمتي عنصر نمايان آهي ۽ اها مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. ڊاڪٽر الطاف عاصيءَ جي شاعري ڪيترن فنڪارن ڳائي داد حاصل ڪيو آهي. جن ۾ احمد مغل، ڦوٽو زرداري، ممتاز لاشاري، عاشق نظاماڻي، برڪت ڀٽ، غلام علي سنديلو قابل ذڪر آهن. الطاف عاصيءَ جا ڪيترا ڪلام ريڊيو ۽ مختلف ٽي. وي چئنلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا. هيءُ هن وقت سول اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽري جا فرض سر انجام ڏئي رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’اُڃايل اکيون‘ 2013ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.07.01  عيسوي

سنڌ جي ناليواري شاعر ڊاڪٽر الطاف عاصيءَ جو پورو نالو الطاف حسين ولد عبدالغفور چانڊيو آهي. سندس جنم پهرين جولاءِ 1969ع تي ڳوٺ رئيس ڀنڀوي خان چانڊيي، تعلقي ميرو خان، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جويو خاڪي
جوڻيجو عبدالغفور عابد
شاهده کوکر
انجم هالائي
سعيد سومرو
ساجد سنڌي
مير محمد حسن علي خان ٽالپر
خوشحال خان خٽڪ
باشو 1
سرويچ سجاولي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون